اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) حج 2027ع جي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيم جي درخواستن جي وصولي جو مرحلو شروع ٿي ويو، رقم جي وصولي پاڪ حج ايپ يا حج پورٽل ذريعي (اڄ) 18 آگسٽ اڱاري کان شروع ٿيندو، مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته سرڪاري اسڪيم تحت لانگ حج جو وقت جيڪو 38 کان 42 ڏينهن تي ٻڌل هوندو لاءِ 12 …
حج 2027ع لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيم جي درخواستن جي وصولي جاري، رقم جي ادائيگي پاڪ حج ايپ يا حج پورٽل ذريعي 18 آگسٽ کان شروع ٿيندي
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) حج 2027ع جي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيم جي درخواستن جي وصولي جو مرحلو شروع ٿي ويو، رقم جي وصولي پاڪ حج ايپ يا حج پورٽل ذريعي (اڄ) 18 آگسٽ اڱاري کان شروع ٿيندو، مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته سرڪاري اسڪيم تحت لانگ حج جو وقت جيڪو 38 کان 42 ڏينهن تي ٻڌل هوندو لاءِ 12 لک روپيا جڏهن ته 20 کان 25 ڏينهن جي وقت تائين جو شارٽ حج پئڪيج 13 لک روپيا هوندو. حج رقم جي پهرين قسط 50 سيڪڙو هوندي جڏهن ته ٻي قسط آڪٽوبر جي پهرين هفتي وصول ڪئي ويندي. پرائيويٽ حج اسڪيم تحت پانڌيئڙا پاڪ حج ايپ ذريعي 25 تجويز ڪيل ڪمپنين مان پنهنجي پسند جي حج منظم ۽ ڪوٽا جي چونڊ ڪندا، پاڪ حج ايپ يا حج پورٽل ذريعي ادائگي ٿيندي، ان کان علاوه ڪنهن به ذريعي سان ادائگي تي مذهبي معاملن واري وزارت ذميوار نه هوندي. ٻئي مرحلي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جو پاڪ حج موبائيل ايپ يا حج پورٽل تي رجسٽريشن جو عمل مڪمل هجڻ ۽ پاسپورٽ جو مدو 16 نومبر 2027ع تائين هجڻ ضروري آهي. ترجمان جو چوڻ آهي، ته سعودي حڪومت هڪ مخصوص انگ ۾ پرڏيهه رهندڙ پي او سي رکندڙ ماڻهن کي به پاڪستان مان حج جي سفر جي اجازت ڏني آهي جيڪي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ويجهن مائٽن سان سفر ڪرڻ چاهين ٿا، شارٽ حج پئڪيج لاءِ 30 هزار جڏهن ته لانگ حج پئڪيج لاءِ 77 هزار 526 سيٽون مخصوص آهن. انگ پورو ٿيندي ئي رقم جي وصولي روڪي ويندي، اهو سمورو عمل اڳ ۾ اچو ۽ اڳ ۾ وٺو جي بنياد هوندو. مذهبي معاملن واري وزارت صرف حبيب بئنڪ لميٽڊ کي ئي وزارت جو تجويز ڪيل بينڪنگ پارٽنر مقرر ڪيو آهي، جيڪو حج درخواستن ۽ رقم جي وصولي جي عمل ۾ وزارت سان سهڪار ڪندو، حج جا خواهشمند سمورن ماڻهن کي چيو ويو آهي ته پورٽل ۽ پاڪ حج ايپ تي پنهنجي پروفائيل ۽ ڊيٽا اپ ڊيٽ رکن. ترجمان جو چوڻ آهي ته حج 2027ع جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. اين آءِ ٽي بي جي پاڪ حج ايپ يا حج پورٽل ذريعي پروفائيل جلد مڪمل ڪن، سمورا رجسٽرڊ حج پانڌيئڙا پاڪ حج ايپ لازمي استعمال ڪن. حج رقم جي پهرين قسط حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ ذريعي بئنڪ ايپ يا ڪارڊ مان انفرادي طور يا پوري گروپ جي گڏ جمع ڪرائي سگهجي ٿي. پرائيويٽ حج پانڌيئڙن کي چيو ويو آهي، ته هو حج منظم يا حج پئڪيج چونڊ بعد ادائگي ايپ ذريعي ڪن، ڪيش ادائگي قبول نه ڪئي ويندي.












