اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته منيلا ۾ عالمي واپاري نمائش ”انٽرنيشنل رائيس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ 26 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش فلپائن جي شهر منيلا ۾ 7 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ چانورن ۽ ان جي مصنوعات سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات …
انٽرنيشنل رائيس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 26 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته منيلا ۾ عالمي واپاري نمائش ”انٽرنيشنل رائيس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ 26 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش فلپائن جي شهر منيلا ۾ 7 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ چانورن ۽ ان جي مصنوعات سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.












