اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي قومي روانگي واپار ۾ 5 سالن دوران 94 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي رپورٽ مطابق مالي سال 2025 ع دوران آءِ ٽي روانگي واپار سان 1.67 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح مالي سال 2020ع کان 2025 ع دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي ملڪي روانگي واپار …
آءِ ٽي سروسز جي روانگي واپار ۾ 5 سالن دوران 94 سيڪڙو اضافو
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي قومي روانگي واپار ۾ 5 سالن دوران 94 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي رپورٽ مطابق مالي سال 2025 ع دوران آءِ ٽي روانگي واپار سان 1.67 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح مالي سال 2020ع کان 2025 ع دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي ملڪي روانگي واپار ۾ 1.57 سيڪڙو يعني 94.01 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن مطابق ان دوران انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جو ڳاڻيٽو 3.81 ارب ڊالر تائين وڌي ويو. مالي سال 2025ع دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن خدمتن جو روانگي واپار مجموعي ملڪي خدمتن جي روانگي واپار جي 4 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. انگن اکرن مطابق آءِ ٽي جي خدمتن جو ٽريڊ سرپلس 2.4 ارب ڊالر رهيو. مشهور معاشي تجزيڪار ناصر جمال پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته مالي سال 2025ع دوران آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ فري لانس ٽرانزيڪشنز 90.8 سيڪڙو رهيون، پر شعبي جي مجموعي روانگي واپار ۾ فري لانس جي ٽرانزيڪشنز جي ماليت 24.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ مطابق مالي سال 2021ع کان 2025ع دوران فري لانس جي شعبي جي ٽرانزيڪشنز جي ماليت ۾ 41 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ فري ٽرانزيڪشن ماليت جي شرح 1.6 ڊالر کان 63 ڊالر تائين گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته ان عرصي ۾ فري شعبي جي روانگي واپار ۾ 114.6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته مصنوعي ذهانت سبب ٽيڪنالاجي جي خدمت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسي ايشن (پاشا) مطاق اڳوڻي چيئرمين بدر خورشيد چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جو هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت منصوبابندي جي ضرورت آهي.












