قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اڳوڻي ايم اين اي بيگم نفيسه خالد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڳوڻي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسپيشل سيڪريٽري سيد شمعون هاشمي جي ناني بيگم نفيسه خالد جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق، بيگم نفيسه خالد جي سياسي، پارلياماني ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڳوڻي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسپيشل سيڪريٽري سيد شمعون هاشمي جي ناني بيگم نفيسه خالد جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق، بيگم نفيسه خالد جي سياسي، پارلياماني ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته مرحومه جي سياسي، پارلياماني ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته بيگم نفيسه خالد جي وفات هڪ وڏو صدمو آهي. هن سيد شمعون هاشمي ۽ ٻين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بيگم نفيسه جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اسپيڪر، مرحومه بيگم نفيسه خالد جي مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.