ريلوي واري وفاقي وزير جو انڊونيشيا جي قيادت ۽ عوام کي 81 هين يوم آزادي تي مبارڪون

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي انڊونيشيا جي آزادي جي 81 هين سالگره جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن برادر اسلامي ملڪ انڊونيشيا جي مسلسل ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان ريلوي ۽ انڊونيشيا وچ ۾ موجود ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي انڊونيشيا جي آزادي جي 81 هين سالگره جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن برادر اسلامي ملڪ انڊونيشيا جي مسلسل ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان ريلوي ۽ انڊونيشيا وچ ۾ موجود ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جا گڏيل پراڻي دوستي وارا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ خوشيءَ جو سبب آهن. هن چيو ته اسان انڊونيشيا جي عوام جي شاندار ترقي ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون.