عاطف اڪرام شيخ کي قومي، معاشي ۽ فلاحي خدمتن لاءِ تمغه امتياز لاءِ چونڊيو ويو

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت بزنس فورم جي چيئرمين ۽ صنعت ۽ واپار واري ايوان جي صدر عاطف اڪرام شيخ کي قومي، فلاحي ۽ انسانيت جي خدمت ۽ معاشي شعبي ۾ نمايان ڪردار ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز 26-2027ع ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عاطف اڪرام شيخ ڪاروباري ۽ صنعتي برادري جي اثرائتي نمائندگي سان گڏوگڏ پاڪستان جي معاشي ترقي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت بزنس فورم جي چيئرمين ۽ صنعت ۽ واپار واري ايوان جي صدر عاطف اڪرام شيخ کي قومي، فلاحي ۽ انسانيت جي خدمت ۽ معاشي شعبي ۾ نمايان ڪردار ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز 26-2027ع ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عاطف اڪرام شيخ ڪاروباري ۽ صنعتي برادري جي اثرائتي نمائندگي سان گڏوگڏ پاڪستان جي معاشي ترقي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪاروباري طبقي جي مسئلن جي حل لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان بزنس فورم جي عهديدارن عاطف اڪرام شيخ کي تمغه امتياز لاءِ نامزد ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو مستقبل ۾ پڻ قومي معيشت، ڪاروباري برادري جي ڀلائي ۽ انساني خدمت لاءِ ساڳي جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.