پشاور- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام پشاور پريس ڪلب جي صدر ايم رياض خان کي حڪومت طرفان تمغه امتياز ڏيڻ جي منظوري تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ايم رياض خان لاءِ تمغه امتياز جي منظوري نه رڳو سندس صحافتي …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران پشاور پريس ڪلب جي صدر ايم رياض خان کي تمغه امتياز ڏيڻ جي منظوري تي مبارڪون
پشاور- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام پشاور پريس ڪلب جي صدر ايم رياض خان کي حڪومت طرفان تمغه امتياز ڏيڻ جي منظوري تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ايم رياض خان لاءِ تمغه امتياز جي منظوري نه رڳو سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف آهي پر خيبرپختونخوا جي صحافتي برادري لاءِ فخر جوڳو آهي. هن ايم رياض خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته تمغه امتياز جي منظوري سندس خدمتن جو هڪ قومي اعتراف آهي ۽ هو ان اعزاز جو مستحق آهي.












