ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل لاءِ نوجوانن جي تعليم، تربيت ۽ ڪردار سازي انتهائي اهم آهي: چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل لاءِ سندن تعليم، تربيت ۽ ڪردار سازي انتهائي اهم آهي. انهن خيالن جو اظهار هن جشن آزادي جي سلسلي ۾ دانش اسڪول اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ خان مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي شروعات …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل لاءِ سندن تعليم، تربيت ۽ ڪردار سازي انتهائي اهم آهي. انهن خيالن جو اظهار هن جشن آزادي جي سلسلي ۾ دانش اسڪول اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ خان مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي شروعات تلاوت سان ٿي جنهن کان پوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ شاگردن 14 آگسٽ جي مناسبت سان اردو ۽ انگريزي ۾ تقريرون پيش ڪيون جڏهن ته قومي گيتن تقريب ۾ قومي يڪجهتي، حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪيو جن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين چيو ته پاڪستان اسان جي بزرگن جي لازوال جدوجهد ۽ قربانيون جو ثمر آهي. هن دانش اسڪولز جي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي وزيراعظم جي ويزن ۽ ان جي بنيادي مقصد تي روشني وڌي. تقريب جي پڃاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. دانش اسڪول اسلام آباد جي پرنسيپل محمد اصغر ملڪ تقريب ۾ شرڪت تي خاص مهمان جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي يادگار ۽ اعزاز طور راڻا مشهود احمد خان کي اعزازي شيلڊ به پيش ڪئي وئي.