پاڪ فوج پاران جشن آزادي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جون شاندار تقريبون منعقد

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان سڄي ملڪ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جون شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون. يوم آزادي جي موقعي تي جنرل هيڊڪوارٽر ۽ هٿياربند فوج جي سمورن هيڊڪوارٽرز ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جون پڻ تقريبون منعقد ڪيون ويون. جهنڊو ڦڙڪائڻ جي پُروقار تقريبن ۾ قومي جهنڊو سربلند ڪيو ويو، جڏهن ته قومي تراني جي ڌن تي فضا ملي …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان سڄي ملڪ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جون شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون. يوم آزادي جي موقعي تي جنرل هيڊڪوارٽر ۽ هٿياربند فوج جي سمورن هيڊڪوارٽرز ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جون پڻ تقريبون منعقد ڪيون ويون. جهنڊو ڦڙڪائڻ جي پُروقار تقريبن ۾ قومي جهنڊو سربلند ڪيو ويو، جڏهن ته قومي تراني جي ڌن تي فضا ملي جذبي سان گونجي وئي، پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ جي دفاع ۽ حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جو هر جوان پرعزم آهي. يوم آزادي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي جيڪو اسان کي اسان جي بزرگن ۽ شهيدن جي قربانين يا ياد ڏياري ٿو.