سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه، گورنر محمد نهال هاشمي، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاران آزاديءَ جي ڏهاڙي تي مزار قائد تي حاضري

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سان گڏجي پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ قائداعظم محمد علي جناحؒ کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو.آزاديءَ جي ڏهاڙي جي تقريب جي شروعات مزار قائد تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ سان ٿي. گورنر سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ گڏيل طور قومي جهنڊو …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سان گڏجي پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ قائداعظم محمد علي جناحؒ کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو.آزاديءَ جي ڏهاڙي جي تقريب جي شروعات مزار قائد تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ سان ٿي. گورنر سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ گڏيل طور قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جڏهن ته پاڪ بحريه جي چست جٿي سلامي ۽ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر سنڌ مزار قائد تي گلن جون چادرون چاڙهيون، فاتحه خواني ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا.ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ مراد علي شاهه چيو ته اڄ قوم مزار قائد تي پاڪستان سان وفاداريءَ جي عزم جي تجديد ۽ ملڪ جي سلامتي، اتحاد ۽ ترقي لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي آهي.هن چيو ته پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ سنڌ تاريخي ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ اسيمبلي اها پهرين قانون ساز اسيمبلي هئي، جنهن 3 مارچ 1943ع تي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي.وزيراعليٰ چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي سرحدن سان گڏ انهن نظرين ۽ بنيادن جو دفاع ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي، جن تي هي ملڪ قائم ٿيو.مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پاڪستان جي مضبوطي ۽ خودمختياري لاءِ خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڏکين حالتن ۾ عالمي فورمن تي پاڪستان جو مؤثر ڪيس پيش ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سموري قوم کي آزاديءَ جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن هٿياربند فوجن، سياسي قيادت، مزدورن، هارين، نوجوانن ۽ معاشري جي سمورن طبقن قومي اتحاد ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي.وزيراعليٰ سنڌ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪشميري عوام تي جاري ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دعا ڪئي. هن فلسطيني عوام خلاف جاري تشدد ۽ ڏکيائين جي پڻ مذمت ڪندي فلسطينين ۽ ڪشميرين جي جائز حقن، امن ۽ انصاف جي حمايت جو اظهار ڪيو.آخر ۾ وزيراعليٰ سنڌ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي آزاديءَ جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو ملڪ آهي، ان جي اتحاد کي برقرار رکڻ، ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ روشن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

مزید خبریں