اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قيادت، حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي لاءِ مسلسل امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قيادت، حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي لاءِ مسلسل امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ اعلى سطحي رابطن ۽ اداراجاتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.









