مظفرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيو آهي ته پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اجتماعي قومي امنگن جو مظهر آهي. 14 آگسٽ 1947ع هڪ تاريخ ساز ڏينهن هو جڏهن علامه اقبال جي خواب جي تعبير ٿي. جشن آزادي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته جشن آزادي ۽ مڪه دفاعي معاهده پاڪستان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. اڄ …
پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اجتماعي قومي امنگن جو مظهر آهي: فيصل ممتاز راٺوڙ

مزید خبریں
مظفرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيو آهي ته پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اجتماعي قومي امنگن جو مظهر آهي. 14 آگسٽ 1947ع هڪ تاريخ ساز ڏينهن هو جڏهن علامه اقبال جي خواب جي تعبير ٿي. جشن آزادي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته جشن آزادي ۽ مڪه دفاعي معاهده پاڪستان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي بزرگن جي ان جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي جڏهن هنن پنهنجي جان ۽ مال هن وطن جي آزادي لاءِ قربان ڪيو ۽ پنهنجي رت سان اسان جي لاءِ هن ملڪ جي بقاءَ جي جنگ وڙهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام کي طاقت جي زور تي دٻائڻ چاهي ٿو پر هي ڏينهن اسان جي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي عزم ۽ حوصلو ڏئي ٿو ۽ اميد ڏي ٿو ته آزادي جي جدوجهد ۾ انهن طرفان ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ، پاڪستاني عوامي ۽ پاڪ فوج جنهن عزم سان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي آهي انشاءُ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن والاريل ڪشمير ڀارتي غير قانوني قبضي مان آزاد ٿيندو ۽ پوري رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو الحاق پاڪستان سان ٿيندو.











