سنڌ اسيمبلي ۾ يومِ آزاديءَ جي موقعي تي هڪ پروقار خاص اجلاس ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ  واري تقريب منعقد

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ يومِ آزاديءَ جي موقعي تي هڪ پروقار خاص اجلاس ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ  واري تقريب ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪئي. هن قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ شرڪت ڪندڙن سان گڏ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعا ڪئي. سنڌ پوليس جي خاص گارڊز پاران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي گارڊ آف آنر پيش …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ يومِ آزاديءَ جي موقعي تي هڪ پروقار خاص اجلاس ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ  واري تقريب ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪئي. هن قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ شرڪت ڪندڙن سان گڏ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعا ڪئي. سنڌ پوليس جي خاص گارڊز پاران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر سيد نهال هاشمي، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، مذهبي معاملن بابت مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن، جن ۾ عورت ۽ اقليتي ميمبر پڻ شامل هئا، وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڪارروائيءَ جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ، قومي تراني ۽ دعا سان ڪئي وئي. اسپيڪر قوم کي  يومِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏنيون.پاڪستان جي يومِ آزاديءَ جي حوالي سان ايم پي اي جميل احمد سومرو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٺهراءُ جي حوالي سان ايوان کي خطاب پڻ ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سنڌ جي خاص مددگار شام سندر آڏواڻي، صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن هير سوهو، محمد راشد خان، مخدوم فخر زمان، صابر حسين قائم خاني، محمد آصف خان، خرم ڪريم سومرو، ڊاڪٽر فوزيه حميد، سعديه جاويد ۽ محمد فاروق سميت ٻين ميمبرن پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. بعد ۾ چلڊرن اينڊ ايڊوليسنٽس پارليامينٽ جي نوجوان پارليامينٽيرينز تقريرون ڪيون. اهي نوجوان ٿر ايجوڪيشن الائنس پاران ٺاهيل چلڊرن اينڊ ايڊوليسنٽس پارليامينٽ سان لاڳاپيل آهن، جيڪو يونيسيف ۽ ريفارم سپورٽ يونٽ جي سهڪار سان نوجوانن کي پارلياماني عمل، جمهوري قدرن ۽  اظهار جي آزادي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. تقرير ڪندڙن ۾ سميه عدنان، چيف منسٽر چلڊرن اينڊ ايڊوليسنٽس پارليامينٽ، زينب خان سمون، مخالف ڌر اڳواڻ، عليزه اويس، اڳوڻي وزير براءِ ڊيٽا ڊرائيوِن ايڊووڪيسي، مسڪان ملاح، اڳوڻي اسپيڪر سنڌ چلڊرن اينڊ ايڊوليسنٽس پارليامينٽ ۽ لوويٽ ڪمار، اڳوڻو ميمبر چلڊرن اينڊ ايڊوليسنٽس پارليامينٽ شامل هئا. تقريرن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي ”پاڪستان زنده باد“ جا نعرا هنيا. پڄاڻي واري تقرير  صائمه آغا، هالار وساڻ، محمد شبير قريشي ۽ امداد علي پتافي ڪئي ۽ اسپيڪر جي ان ڪوشش کي ساراهيو ته يومِ آزاديءَ جي موقعي تي نوجوانن ۽ شاگردن کي پنهنجن خيالن جي اظهار جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويو. هي خاص اجلاس شموليت، قومي ٻڌي ۽ باني پاڪستان جي ويزن جي عملي عڪاسي هو. آخر  ۾ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه معزز ميمبرن ۽ مهمان شاگردن سان گڏ يومِ آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو، جنهن سان ايوان ۾ جشنِ آزاديءَ جي خوشين ۽ جذبي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.

مزید خبریں