اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناروي جي ٻطرفي تعاون خاص طور تي تعليم، هنرمند افرادي قوت، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي نارويجن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي ملاقات، نارويجن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناروي جي ٻطرفي تعاون خاص طور تي تعليم، هنرمند افرادي قوت، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي نارويجن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ناروي جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان سان ناروي جي ٻطرفي تعاون خاص طور تي تعيلم، هنرمند افرادي قوت، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت (ڪلائميٽ ريزيلينس) ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيو. ناروي سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي نارويجن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم فلسطين جي حمايت ۾ ناروي جي مضبوط ۽ اصولي موقف کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو. هن نار خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي پڻ ناروي جا ٿورا ادا ڪيا. ناروي جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ کيس ناروي جي وزيراعظم جوناس گهرسٽور پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن علائقائي امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي جي دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. نارويجن پرڏيهي وزير خاص طور تي ناروي ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا.












