حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ مختلف تقريبن جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت اسٽوڊنٽس ٽيچرس انگيجمينٽ پروگرام، ڪراپ پراڊڪشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سهڪار سان ”سرسبز پاڪستان، روشن مستقبل ۽ ماحولياتي آگاهي“ جي عنوان سان وڻڪاري مهم، ثقافتي راڳ ، روايتي کاڌن، مٺائين ۽ غذائي شين جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ”هڪ شهري …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جشنِ آزادي جون تقريبون جاري، وڻڪاري مھم، فوڊ ۽ ثقافتي پروگرام ۽ شاگردن جا تقريري مقابلا
حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ مختلف تقريبن جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت اسٽوڊنٽس ٽيچرس انگيجمينٽ پروگرام، ڪراپ پراڊڪشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سهڪار سان ”سرسبز پاڪستان، روشن مستقبل ۽ ماحولياتي آگاهي“ جي عنوان سان وڻڪاري مهم، ثقافتي راڳ ، روايتي کاڌن، مٺائين ۽ غذائي شين جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ”هڪ شهري جا حق ۽ ذميواريون“ جي موضوع تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ تقريرن جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڊاڪٽر اي. ايم. شيخ آڊيٽوريم هال جي سامهون ميويدار وڻ جو ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊينز ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊاڪٽر اعجاز علي کوهارو، ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي ۽ ڊاڪٽر منير احمد منڱريو، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو سميت مختلف شعبن جي چيئرمينن، ڊائريڪٽرن ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پڻ ٻوٽا پوکيا، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي ليڊي ٽيچرس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقامي ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور فنڪار رامچند فقير ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت پيش ڪيا، جڏهن ته مشهور الغوزا نواز عبدالڪريم گوپانگ الغوزي تي قومي ڌنون پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، بعد ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊينز، تدريسي ۽ انتظامي سربراهن ۽ استادن سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ منعقد ڪيل غذائي شين ۽ غذائي ضمني شين جي نمائش جو دورو ڪيو، جشنِ آزادي جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته آزادي رڳو جشن ملهائڻ جو نالو ناهي، پر اها اسان کي پنهنجن حقن سان گڏ قومي ۽ شهري ذميوارين جو احساس پڻ ڏياري ٿي. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ کين تعليم، تحقيق، ٽيڪنالاجي، زراعت، ماحولياتي تحفظ ۽ قومي ترقي جي شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ گهرجي.تقريب جي موقعي تي اسٽيج تي ڊين ڊاڪٽر منير احمد منگريو، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر اعجاز علي سومرو، انجنيئر ڊاڪٽر ظهير خان، ڊاڪٽر شڪيل احمد ۽ ٻيا تدريسي ۽ انتظامي آفيسر پڻ موجود هئا.












