اسلام آباد- 13 آگسٽ(اي پي پي) پاڪ فوج آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان وطن جي سلامتي، خودمختياري ۽ ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي پر مسرت موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ پاڪ فوج جي جوانن جو چوڻ هو ته فوج وطن جو دفاع يقيني بڻائڻ لاءِ سرحدن تي چست بيٺل آهي، ڏکين جابلو رستن کان وٺي هر محاذ تي پاڪ فوج جا جوان …
آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج پاران وطن جي دفاع، امن ۽ روشن مستقبل جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آگسٽ(اي پي پي) پاڪ فوج آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان وطن جي سلامتي، خودمختياري ۽ ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي پر مسرت موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ پاڪ فوج جي جوانن جو چوڻ هو ته فوج وطن جو دفاع يقيني بڻائڻ لاءِ سرحدن تي چست بيٺل آهي، ڏکين جابلو رستن کان وٺي هر محاذ تي پاڪ فوج جا جوان دشمن سامهون مضبوط ديوار وانگر موجود آهن. پاڪ فوج ملڪ ۾ امن امان جي قيام، ترقي ۽ خوشحال واري خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جو عهد ڪيو آهي. پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت موجود آهي.وطن اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ ان جو دفاع اسان جو فرض ۽ پاڪستان جي خدمت اسان جو فخر آهي.











