بدين جي عدالت پاران قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، جوابدار سينٽرل جيل حيدرآباد حوالي

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ايڊيشنل سيشن جج ون رائو محمد نديم جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن طالب جوڻيجو ۽ عامر جوڻيجو کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن پهرين جولاءِ 2016ع تي بدين ڀرسان ڳوٺ …

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ايڊيشنل سيشن جج ون رائو محمد نديم جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن طالب جوڻيجو ۽ عامر جوڻيجو کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن پهرين جولاءِ 2016ع تي بدين ڀرسان ڳوٺ ٽنڊوگامون ۾ جوابدارن رستي جي تڪرار تان ڪھاڙيون هڻي نور محمد سومرو کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنھن جو ڪيس مقتول جي پُٽ ابراهيم سومرو جي فرياد تي ماڊل ٿاڻي بدين تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي ٻُڌڻي کانپوءِ عدالت ٻن جوابدار عامر جوڻيجو ۽ طالب جوڻيجو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏهه ڏهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، عدالت جو فيصلو اچڻ کانپوءِ پُوليس ٻنھي جوابدارن کي تحويل ۾ وٺي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو.

مزید خبریں