اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاڪستان جو پهرين نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام باقاعده شروع ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ انوويشن حب مخصوص ڊجيٽل پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جدت کي هٿي لاءِ جامع قومي اداره جاتي نظام جي قيام طرف اهم قدم آهي. انوويشن حب جي ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي …
پاور ڊويزن جي پهرين نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام جي شروعات، انوويشن حب مخصوص ڊجيٽل پليٽ فارم طور ڪم ڪندو: ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاڪستان جو پهرين نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام باقاعده شروع ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ انوويشن حب مخصوص ڊجيٽل پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جدت کي هٿي لاءِ جامع قومي اداره جاتي نظام جي قيام طرف اهم قدم آهي. انوويشن حب جي ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي نوجوانن، محققن، يونيورسٽين، اسٽارٽ اپس، صنعت ۽ ماهرن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو ويندو ته جيئن ملڪ کي درپيش توانائي جي چئلينجن لاءِ عملي ۽ جدت وارا حل تيار ڪري سگهجن. نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام جو مقصد عملي جوڳي ۽ موثر خيالن جي نشاندهي، جاچ، سرپرستي ۽ مدد ذريعي نون تصورن ۽ تحقيقي ڪوششن کي اهڙن آزمايل ۽ توسيع جوڳي حل ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو پاڪستان جي پاور سيڪٽر کي وڌيڪ موثر، اعتماد جوڳو ۽ پائيدار بڻائڻ مدددگار ثابت ٿئي. پروگرام تحت ايندڙ ٽن سالن دوران هڪ ارب روپين کان وڌيڪ رقم ڪامياب جدت جي سرپرستي، فني مدد، آزمائشي ۽ عمل جوڳن منصوبن کي قومي سطح تي سگهه ڏيڻ لاءِ مختص ڪئي ويندي. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ان موقعي تي چيو ته دنيا تيزي سان بدلجي رهي آهي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽلائيزيشن، جديد ٽيڪنالاجيز ۽ نون ڪاروباري ماڊلز ترقي جي گهرجن کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ادارا مسلسل جدت نه وٺندا ته اهي ترقي جي رفتار برقرار نٿا رکي سگهن. ان لاءِ اڄ اسان جي پاور سيڪٽر کي صرف وڌيڪ محنت جي نه پر وڌيڪ جدت، وڌيڪ تخليقي سوچ ۽ مسلسل بهتري جي ضرورت آهي. هن جو چوڻ هو ته نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام رڳو هڪ مقابلو ناهي پر پاور سيڪٽر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون مستقل قومي اداره جاتي نظام آهي جنهن ذريعي نون خيالن کي ڳوليو ويندو، انهن جي جاچ ڪئي ويندي، ان جي سرپرستي ڪئي ويندي، انهن کي رهنمائي ۽ عملي مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ بهترين خيالن جي قابل عمل حل ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته پروگرام ذريعي نوجوان پاڪستانين کي ملڪ جي پاور سيڪٽر کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ پنهنجا نوان خيال پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. انوويشن حب جي ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي خواهشمند شاگردن، محققين، اسٽارٽ اپس ۽ نوجوان پيشيوار ماڻهو پنهنجا خيال جمع ڪرائي سگهندا ۽ پاڪستان جي توانائي جي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ جاري ان قومي ڪوشش جو حصو بڻجي سگهجندا. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام تحت بهترين خيال رڳو تصورات ۽ تحقيقي مرحلن تائين محدود رکڻ بدران انهن کي سرپرستي، فني مدد، قومي سطح تي عملي واڌ جي مرحلن مان گذارڻ لاءِ هڪ جامع رستو فراهم ڪيو ويندو، هي پروگرام پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جدت کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ درپيش پيچيده مسئلن لاءِ مقامي سطح تي جديد موثر ۽ پائيدار حل تيار ڪرڻ طرف اهم قومي قدم آهي.










