سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پورٽ قاسم اٿارٽي بورڊ جو اجلاس

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم اٿارٽي (پي ڪيو اي) جي بورڊ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ اسپورٽس پاليسي جو جائزو وٺندي موجوده قومي ۽ اداري جي گهرجن موجب ان ۾ جامع نظرثاني بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد جنيد انوار چوڌري هدايت ڪئي ته نظرثاني ٿيل پاليسي ۾ اداره جاتي راندين، رانديگرن جي ترقي، ڪوچنگ …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم اٿارٽي (پي ڪيو اي) جي بورڊ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ اسپورٽس پاليسي جو جائزو وٺندي موجوده قومي ۽ اداري جي گهرجن موجب ان ۾ جامع نظرثاني بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد جنيد انوار چوڌري هدايت ڪئي ته نظرثاني ٿيل پاليسي ۾ اداره جاتي راندين، رانديگرن جي ترقي، ڪوچنگ ۽ تربيت، شفاف چونڊ جو طريقيڪار، راندين جي بهترين سهولتن، رانديگرن لاءِ مراعتن ۽ اداره جاتي ذميوارين کي واضح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو  وڃي. هن پاڪستاني بندرگاهن لاءِ گڏيل اسپورٽس پاليسي جي تجويز ڏيندي هدايت ڪئي ته هوشيار رانديگرن جي ڳولا لاءِ پورٽ قاسم ۾ ”ٽئلينٽ هنٽ ڪيمپ“ منعقد ڪيو وڃي. پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين سعيد معظم الياس ٻڌايو ته اٿارٽي هڪ ملٽي اسپورٽس ڪامپليڪس قائم ڪندي جنهن ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، ترڻ، باسڪٽ بال، اسڪوائش، اٿليٽڪس ۽ فٽ بال جون سهولتون شامل هونديون. هن جو چوڻ هو ته بورڊ ان منصوبي لاءِ 9.6 ايڪڙ جو هڪ پلاٽ مختص ڪيو آهي. پهرين مرحلي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي تعمير شامل هوندي جنهن لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويندو ۽ ٺيڪو گهٽ ٻولي ڏيندڙ کي ڏنو ويندو. هن چيو ته تجويز ڪيل پاليسي تحت راندين جي ترقي ۽ سرگرمين جي نگراني لاءِ هڪ مخصوص ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويندو، نون ڀرتي ٿيل رانديگرن جي تربيت لاءِ سينئر رانديگرن جون خدمتون ڪوچ طور به حاصل ڪيو وينديون. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پي ڪيو اي جي رانديگرن جي گڏائي عالمي معيار جي نئين ڪرڪيٽ ٽيم جوڙي ويندي. اجلاس ۾ پي ڪيو اي جي چيئرمين، ايڇ آر ڪميٽي جي ميمبرن ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں