اسلام آباد- 13 آگسٽ(اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪشميرين پاڪستان سان لازوال محبت ۽ وابستگي جو پيغام ڏنو آهي. جشن آزادي جي آمد تي معاشري جي هر طبقي پاران پاڪستان سان پنهنجي گهري محبت ۽ جذبن جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته جاگرافيائي مفاصلا انهن جي دلين کي وطن کان جدا نه ٿا ڪري سگهن. انهن جو دعائون اڄ به پنهنجي ملڪ …
آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪشميرين پاران پاڪستان سان لازوال محبت ۽ وابستگي جو پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آگسٽ(اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪشميرين پاڪستان سان لازوال محبت ۽ وابستگي جو پيغام ڏنو آهي. جشن آزادي جي آمد تي معاشري جي هر طبقي پاران پاڪستان سان پنهنجي گهري محبت ۽ جذبن جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته جاگرافيائي مفاصلا انهن جي دلين کي وطن کان جدا نه ٿا ڪري سگهن. انهن جو دعائون اڄ به پنهنجي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ آهن. وطن کان پري رهڻ به اسان کي پاڪستان کان جدا نه ٿو ڪري سگهي. 14 آگسٽ ايندي ئي دل ۾ پاڪستان جي ياد تازي ٿي ويندي آهي ۽ اسان به يوم آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون. پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪشميرين جو چوڻ آهي ته جڏهن به سبز هلالي پرچم بلند ٿيندو آهي يا قومي تراني جو آواز ڪنن تائين پهچندو آهي ته دل فخر ۽ وطن جي محبت جي جذبي سان ڀرجي ويندو آهي. اوورسيز ڪشميرين پاڪستان جي ترقي، خوشحالي لاءِ خاص دعائون پڻ ڪيون.











