آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير پاران اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز، نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ قومي اداري (اين ڊي ايم اي) هيڊڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ اين ڊي ايم اي آفيسرن سان گڏجي وفاقي وزير جي …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ قومي اداري (اين ڊي ايم اي) هيڊڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ اين ڊي ايم اي آفيسرن سان گڏجي وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير کي اين اي او سي جي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جديد ڊزاسٽرمينيجمينٽ نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي طرفان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي آفتن جي اڳواٽ اطلاع، تياري ۽ هنگامي ريسپانس جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير کي اين ڊي ايم اي جي جديد مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نظام، وقت کان اڳ خطرن جي ڄاڻ ۽ ازالي جو لائحه عمل، نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي قدمن ۽ رسڪ ڪميونيڪيشن جي مجوزه نظام تي بريفنگ به ڏني وئي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه موبائيل اين اي او سي ۽ محفوظ تعميراتي ماڊلز جو به دورو ڪيو. هن قومي سطح تي آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير اين ڊي ايم اي ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ قومي استحڪام ۾ اضافي لاءِ اهم آهي.

مزید خبریں