نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي آجيان ڪئي

اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اهو دورو پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ هڪ ڏهاڪي دوران اعلى ترين سطح جو دورو آهي. ان کان اڳ ناروي جو پرڏيهي وزير خميس جي صبح پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اهو دورو پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ هڪ ڏهاڪي دوران اعلى ترين سطح جو دورو آهي. ان کان اڳ ناروي جو پرڏيهي وزير خميس جي صبح پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو هو. هو نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي 13 کان 14 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. ٻئي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.