پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جون خدمتون فراهم ڪندڙ برانچز جو انگ 6700 کان وڌي چڪو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جون خدمتون فراهم ڪندڙ برانچز جو انگ 6700 کان وڌي چڪو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) مطابق گذريل مالي سال 2026ع جي پڄاڻي تائين اسلامڪ بئنڪنگ جا اثاثا 14.47 ٽرلين روپيا جڏهن ته ڊيپازٽس جو ڳاڻيٽو 11.03 ٽريلين روپين تائين وڌي چڪو آهي. اسلامي بئنڪاري جي شعبي جي اثاثن ۾ ساليانو 30.7 سيڪڙو جڏهن ته …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جون خدمتون فراهم ڪندڙ برانچز جو انگ 6700 کان وڌي چڪو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) مطابق گذريل مالي سال 2026ع جي پڄاڻي تائين اسلامڪ بئنڪنگ جا اثاثا 14.47 ٽرلين روپيا جڏهن ته ڊيپازٽس جو ڳاڻيٽو 11.03 ٽريلين روپين تائين وڌي چڪو آهي. اسلامي بئنڪاري جي شعبي جي اثاثن ۾ ساليانو 30.7 سيڪڙو جڏهن ته ڊيپازٽس ۾ 39.6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ايس بي پي مطابق پاڪستان ۾ بئنڪاري جي صنعت جي مجموعي اثاثن ۾ اسلامي بئنڪنگ جي اثاثن جي شرح 22.9 سيڪڙو ۽ مجموعي ڊيپازٽس ۾ حصو 27.8 سيڪڙو تائين وڌي چڪو آهي. ايس بي پي مطابق هر سال لکين نوان صارفين اسلامي بئنڪاري جي خدمتن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ شامل ٿي رهيا آهن.