نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي ملاقات

اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي خميس ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي پاڪستان پهچڻ تي گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رُخن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي خميس ڏينهن هتي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي پاڪستان پهچڻ تي گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رُخن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.