صدر آصف علي زرداري پاران اڳوڻي چيني وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي چيني وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي مضبوط دوست ملڪ چين جي قيادت ۽ عوام سان اڳوڻي وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي چيني وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي مضبوط دوست ملڪ چين جي قيادت ۽ عوام سان اڳوڻي وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان اڄ پنهنجي هڪ مخلص دوست کي وڃائي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته اسان ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان انهن سان همدرديءَ ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جيو چ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ وزيراعظم زو رونگ جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں