نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان جي ايندڙ سفارتي سرگرمين سميت اعلى سطح جي ايندڙ دورن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان جي ايندڙ سفارتي سرگرمين سميت اعلى سطح جي ايندڙ دورن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دوري جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي سفارتي سرگرمين کانسواءِ …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان جي ايندڙ سفارتي سرگرمين سميت اعلى سطح جي ايندڙ دورن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دوري جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي سفارتي سرگرمين کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايندڙ سفارتي سرگرمين سان ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر رابطن ۽ جامع تيارين جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں