سنڌ حڪومت پاران 79هين جشنِ آزادي جي موقعي تي خاص ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري (اڄ) خميس تي ڪراچي کان روانو ٿيندي

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران 79هين جشنِ آزادي جي موقعي تي خاص ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري اڄ خميس تي ڪراچي کان رواني ٿيندي. ثقافت واري صوبائي وزير جي ترجمان موجب خاص آزادي ٽرين ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ کان ٿيندي پاڪستان بارڊر کوکراپار تائين سفر ڪندي. پرچي جي ويـري واري هنڌ تي جشنِ آزادي جي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته خاص آزادي ٽرين ۾ …

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران 79هين جشنِ آزادي جي موقعي تي خاص ٿر ڊيزرٽ ٽرين سفاري اڄ خميس تي ڪراچي کان رواني ٿيندي. ثقافت واري صوبائي وزير جي ترجمان موجب خاص آزادي ٽرين ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ کان ٿيندي پاڪستان بارڊر کوکراپار تائين سفر ڪندي. پرچي جي ويـري واري هنڌ تي جشنِ آزادي جي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته خاص آزادي ٽرين ۾ 165 کان وڌيڪ سياح شرڪت ڪندا. سياحن کي سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثن سان گڏ پاڪستان بارڊر جو سير پڻ ڪرايو ويندو. ٽرين جو افتتاح ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ڪندو. خاص آزادي ٽرين جي شرڪت ڪندڙن جو مختلف اسٽيشنن تي شاندار استقبال ڪيو ويندو، جڏهن ته اهي مختلف اسٽيشنن تي عوام ۾ قومي جهنڊا پڻ ورهائيندا.

مزید خبریں