پاڪستان پاران نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ جي تسلسل دوران اسلام آباد سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي اربع ڏينهن هتي پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان لاڳاپيل ڌرين کي ٻيهر ڳالهه ٻولهه …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ جي تسلسل دوران اسلام آباد سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي اربع ڏينهن هتي پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان لاڳاپيل ڌرين کي ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت امن ۽ استحڪام جي راهه هموار ڪئي آهي، جيتوڻيڪ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيو هجي تنهن هوندي به جڏهن به “ڳالهه ٻولهه جي معقوليت” ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي منطق تي غالب ايندي، ڌريون ٻيهر ڳالهه ٻولهه طرف واپس اينديون. هن چيو ته پاڪستان سڌوسنئون ۽ اڻ سڌي طرح ذريعا ستعمال ڪندي امن کي سبوتاز ڪندڙ عنصرن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ التوا هيٺ معاملن تي تعميري ڳالهه ٻولهه کي آسان بڻائڻ جو سلسلو جاري رکندو. ترجمان چيو ته 11 آگسٽ تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بحرين جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، محمد اسحاق ڊار تجويز ڪيل دوري جي آجيان ڪندي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. 7 آگسٽ تي ٿيندڙ مڪه سربراهي ڪانفرنس پڻ بريفنگ جو مرڪزي موضوع رهي. ان سبراهي اجلاس ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي قيادت شرڪت ڪئي. طاهر حسين اندرابي مڪه المڪرمه سربراهي اجلاس دوران طئي ٿيندڙ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ رابطن جو هڪ فطري قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اهو معاهدو گڏيل سلامتي کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ٽنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان موجب اهو معاهدو مڪمل طور تي دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان جي ذريعي ٽنهي ملڪن کي خطرن ۽ سلامتي جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا مڪه معاهدي تي صحيحن کان اڳ پارليامينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، ترجمان ان تاثر کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو ته اهو معاهدو داخلي طريقيڪار جي پيروي کانسواءِ طئي ڪيو ويو. هن نشاندهي ڪئي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان ۽ پاڻ معاهدي تي هڪ صحيح ڪندڙ آهي جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ڊار جيڪو سينيٽ جو معزز ميمبر آهي، به ان موقعي تي موجود هو. هن چيو ته معاهدي تي عوام جي خواهشن موجب صحيحون ڪيون ويون ۽ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان معاملي تي مڪمل طور تي متفق هئا. ترجمان چيو ته ڪنهن به لاڳاپيل ڌر کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ اهو ته سمورو اندروني طريقيڪار طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار 10 آگسٽ تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ معاهدي کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ پاڪستان جي سياسي، عسڪري ۽ سفارتي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. ترجمان چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان سفارتي رابطن ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪئي آهي. 10 آگسٽ تي محمد اسحاق ڊار سعودي عرب، ايران ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي صورتحال، مڪه معاهدي ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گهرو وزير محسن نقوي پڻ اعلى ايراني عملدارن سان ملاقاتن جي لاءِ تهران جو دورو ڪري رهيو آهي جتي ٻطرفي لاڳاپن، سيڪيورٽي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ترجمان بحيره احمر ۾ هڪ واپاري سامونڊي جهاز تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته هن وقت حڪومت کي دستياب معلومات موجب ٽي پاڪستاني شهري مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عملدارن ۽ عالمي سطح تي مڃيل يمني حڪومت سان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته مارجي ويل پاڪستانين جون ميتون واپس آڻڻ ۽ وطن منتقل ڪرڻ سان گڏ زخمي کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون تحت عالمي پاڻي گذرگاهن ۾ جهاز راني جي آزادي ۽ سامونڊي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ سعودي عرب پاران اعلان ڪيل سامونڊي اتحاد جو صحيح ڪندڙ آهي. پاڪستان عالمي سپلاءِ چينز ۽ سامونڊي اچ وڃ جي تحفظ جي لاءِ اتحاد جي پڌرنامي تي عملدرآمد ۾ سعودي عرب ۽ ٻين اتحادي حصيدارن جي مدد جي لاءِ تيار آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارت جي بيانن ۽ الزامن کي پاڪستان واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. طاهر حسين اندرابي چيو ته ڀارت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته نئين دهلي کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي رڪارڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. معيشت جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي جاري آءِ ايم ايف پروگرام تحت ٽي جائزا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن جنهن جو مقصد سڌارن ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ آهي. ترجمان غيرجنگي واپاري سامونڊي جهاز تي حملي جي پڻ شديد مذمت ڪندي چيو ته ان اهڙا واقعا بيگناهه انساني جانين کي خطري ۾ وجهڻ سان گڏوگڏ عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ جهاز راني جي آزادي، سامونڊي سلامتي ۽ بحيره احمر ۾ واپاري جهاز راني جي تحفظ جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته نائب وزيراعظم رياض ۾ پاڪستاني مشن کي هدايت ڪئي آهي ته اهو واقعي جا وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عملدارن ۽ عالمي سطح تي مڃيل يمني حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ رهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان مارجي ويل پاڪستانين جي ميتن جي واپسي ۽ وطن منتقلي ۽ زخمي پاڪستاني شهري کي ضروري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان پڻ رابطو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي پاڻي گذرگاهن ۾ جهاز راني جي آزادي ۽ سامونڊي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سپلاءِ چينز ۽ سامونڊي اچ وڃ جي تحفظ جي لاءِ رياض پاران اعلان ڪيل سامونڊي اتحاد کي فعال بڻائڻ ۾ سعودي عرب ۽ ٻين حصيدارن جي مدد جي لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں