اڏام پاڪستان تحت 10 لک نوجوان پنهنجي علائقن ۾ سماجي آگاهي مهم هلائيندا: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جي آبادي اٽڪل 26 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي جنهن ۾ نوجوانن جو تناسب اٽڪل 60 سيڪڙو آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب غذائيت، صحت، تعليم ۽ شروعاتي ننڍپڻ جي واڌ ويجهه سميت …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جي آبادي اٽڪل 26 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي جنهن ۾ نوجوانن جو تناسب اٽڪل 60 سيڪڙو آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب غذائيت، صحت، تعليم ۽ شروعاتي ننڍپڻ جي واڌ ويجهه سميت انساني وسيلن بابت ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ وڏو قومي چئلينج بڻجندو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ شروعاتي ننڍپڻ جي واڌ ويجهه جي حوالي گهڻ شعبن تي ٻڌل ڳالهين جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته موجوده دور انساني وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ موثر استعمال جو دور آهي ۽ پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن جي صحت، تعليم ۽ صلاحيتن تي ڪيتري سيڙپڪاري ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 40 سيڪڙو ٻار واڌ ويجهه جي کوٽ جو شڪار آهن جيڪو هڪ سنگين قومي مسئلو آهي، ڪنهن به معاشري جو صحتمند بنياد ٻارن جي زندگي جي پهرين 5 سالن ۾ هموار ٿيندو آهي، ٻار جي تعليم ۽ تربيت به پيدائش سان گڏ ئي شروع ٿي ويندي آهي، ان لاءِ شروعاتي عمر ۾ ان کي ملندڙ غذا، صحت، تربيت ۽ ماحول ان جي سڄي زندگي تي گهرو اثر ڇڏي ٿو. احسن اقبال چيو ته غذائيت جو مسئلو صرف مناسب خوراڪ جي فراهمي تائين محدود ناهي پر ان سان گڏ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، صحت جا مسئلا به سڌي ريت جڙيل آهن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت هڪٻئي سان گڏيل آهن، ان لاءِ انهن سمورن شعبن ۾ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي تحفظ لاءِ موثر قدم کڻي ۽ پنهنجي ترقياتي منصوبن ۾ ماءُ ۽ ٻار کي مرڪزي حيثيت ڏي. هن چيو ته شروعاتي تعليم ۽ شروعاتي ننڍپڻ جي معياري واڌ ويجهه لاءِ به خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، جڏهن ته تعليمي نظام ۾ شروعاتي ڪلاسن لاءِ تربيت يافته استادن جي فراهمي اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2047ع ۾ آزادي جا 100 سال مڪمل ڪندو ۽ ان وقت اسان کي هڪ صحتمند، تعليم يافته، باصلاحيت ۽ تخليقي نسل گهربل هوندو، اڄ ٻار جنهن ماحول ۾ وڌي ويجهي رهيا آهن، ان جا اثر ايندڙ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي تي پوندا. هن 18 هين آئيني ترميم جي روشني ۾ چيو ته 2010ع ۾ ڪيترائي اهم شعبا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا جڏهن ته اختيارن جي منتقلي کانپوءِ انهن شعبن ۾ عوامي خدمتن جي معيار ۾ گهربل بهتري نه اچي سگهي. هن چيو ته صوبن کي اختيار منتقل ڪيا ويا پر انهن اختيارن ۽ وسيلن کي هيٺين سطح تائين موثر انداز ۾ منتقل ڪرڻ ۽ مقامي سطح تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اختيارن جي منتقلي جو بنيادي مقصد عوام کي سندن گهر جي چائنٺ تي بهتر خدمتون فراهم ڪرڻ هو، صحت، تعليم، غذائيت ۽ شروعاتي ننڍپڻ جي واڌ ويجهه جهڙن شعبن ۾ بهتري لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، لاڳاپيل ادارن ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏيل طور تي ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان وٽ رٿابندي ۽ پاليسين جي کوٽ ناهي، اصل ضرورت انهن پاليسين تي موثر عملدرآمد ۽ تسلسل کي يقيني بڻائڻ آهي. احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان تحت نوجوانن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن تحت 10 لک نوجوانن کي سماجي آگاهي جو سفير بڻايو ويندو، اهي نوجوان پنهنجي پنهنجي علائقن، ڳوٺن ۽ برادرين ۾ ٻارن جي صحت، غذائيت، شروعاتي تعليم ۽ واڌ ويجهه سميت اهم سماجي مسئلن جي باري ۾ آگاهي سميت مهمون هلائيندا ۽ معاشري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مضبوط ۽ خوشحال مستقبل چاهي ٿو ته ان کي اڄ ئي پنهنجي ٻارن جي صحت، تعليم، غذائيت ۽ تربيت کي قومي ترقي جي مرڪز ۾ رکڻو پوندو، اها ئي سيڙپڪاري 2047ع جي پاڪستان جو مضبوط بنياد ثابت ٿيندي.