گهرو وزير محسن نقوي پاران سوراب ۾ 18 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي سوراب ۾ فتنه الهندستان جي 18 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ گهرو وزير دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون نمايان ۽ …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي سوراب ۾ فتنه الهندستان جي 18 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ گهرو وزير دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي وقت سر ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون نمايان ۽ وقت سر ڪاميابيون انتهائي واکاڻ جوڳيون آهن. سندس چوڻ هو ته وطن جا بهادر پٽ بلوچستان ۾ امن امان جي قيام لاءِ پوري طرح پرعزم آهن ۽ سندن اهي قربانيون ضايع نه وينديون. محسن نقوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون. گهرو وزير واقعي دوران دهشتگردن جي بارود جي ثانوي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل 3 معصوم شهرين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن فائرنگ جي سخت ڏي وٺ دوران زخمي ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي ٻن بهادر جوانن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ به خصوصي دعا ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته سندن سارسنڀال ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.