ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان مراڪش جي سفير محمد ڪارمون گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مراڪش جو اعزازي قونصل جنرل اشتياق بيگ پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري، اقتصادي سهڪار، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. …
سنڌ جي گورنر سان مراڪش جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان مراڪش جي سفير محمد ڪارمون گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مراڪش جو اعزازي قونصل جنرل اشتياق بيگ پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري، اقتصادي سهڪار، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ واپاري ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسيع بڻائي گڏيل لاڳاپن کي نئون رخ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته مراڪش ۾ ايندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو ثابت ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي پاڪستاني شين کي عالمي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان جي برآمدي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. ملاقات دوران فٽبال ورلڊ ڪپ جي موقعي تي پاڪستاني شين، خاص طور پاڪستان ۾ تيار ڪيل فٽبالن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي امڪانن تي پڻ خيال ونڊيو ويو. سنڌ جي گورنر چيو ته عالمي معيار جي فٽبال مقابلن ۾ پاڪستاني فٽبالن جي وڌندڙ گهرج پاڪستان جي اعليٰ صنعتي صلاحيت، معياري پيداوار ۽ برآمدي سگهه جو واضح ثبوت آهي. پاڪستان راندين جي سامان جي تياري ۾ عالمي سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن کي وڌيڪ عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي. سيد محمد نهال هاشمي پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ عوامي لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ سياحتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندي چيو ته عوامي سطح تي رابطن ۾ واڌ ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ گڏيل سمجهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن جا نوان موقعا ڳولڻ، گڏيل سهڪار کي وڌائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.









