صدر آصف علي زرداري اٽلي جي نامزد سفير يوگو چيئرلاتاني ۽ ڪوريا جي نامزد سفير هانگ سنگ هو کان سفارتي سندون وصول ڪيون

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ اٽلي جي نامزد سفير يوگو چيئرلاتاني ۽ ڪوريا جي نامزد سفير هانگ سنگ هو کان سفارتي سندون وصول ڪيون. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفير يوگو چيئرلاتاني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس سفارتي مدو پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ اٽلي جي نامزد سفير يوگو چيئرلاتاني ۽ ڪوريا جي نامزد سفير هانگ سنگ هو کان سفارتي سندون وصول ڪيون. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفير يوگو چيئرلاتاني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس سفارتي مدو پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن ٻطرفي لاڳاپن، خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مسلسل اضافي جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي حد عبور ڪري چڪو آهي. صدر سفارتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن جي لاءِ ويزا شرطن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحن جي پڻ آجيان ڪئي. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر جي سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي بحيثيت اميدوار، اٽلي جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندڙ اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڪوريا جي نامزد سفير هان سنگ هو سان ملاقات دوران صدر چيو ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪندي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي (سي اي پي اي) جي لاءِ جاري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو. صدر موسمياتي تبديلي، ترقي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون جي پڻ آجيان ڪئي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جهاز سازي، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں