اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڳوڻي چيني وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هو هڪ عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان جو مخلص دوست هو، پاڪستان حڪومت ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چين جي اڳوڻي وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڳوڻي چيني وزيراعظم زو رونگ جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هو هڪ عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان جو مخلص دوست هو، پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ، چيني عوام ۽ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي آئرن برادر چين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.









