اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوراب ۾ فتنه الهندستان جي خلاف آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي فتنه الهندستان پاران خودڪش گاڏي جي تياري دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ عام شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪليئرنس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سوراب ۾ فتنه الهندستان جي خلاف آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوراب ۾ فتنه الهندستان جي خلاف آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي فتنه الهندستان پاران خودڪش گاڏي جي تياري دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ عام شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪليئرنس آپريشن دوران 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الهندستان جا دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ عوام جا دشمن آهن، فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بدامني ۽ شرانگيزي جي تياري دوران عام شهرين جي جانين جو زيان افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.









