اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي، نوجوانن کي هنر سکڻ جا نوان موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي مستقبل جي جاب مارڪيٽ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ اسڪل ايمبيسڊر پروگرام ۽ نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته نوجوان نسل قوم جي اميد آهي، نوجوانن کي تعليم جي هڪ جهڙن موقعن جي …
پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي، اسڪل ايمبيسڊر پروگرام ۽ نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام جاري، نوجوانن کي ترقي جي سفر ۾ پٺتي رهڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي، نوجوانن کي هنر سکڻ جا نوان موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي مستقبل جي جاب مارڪيٽ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ اسڪل ايمبيسڊر پروگرام ۽ نيشنل پاور سيڪٽر انوويشن پروگرام جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته نوجوان نسل قوم جي اميد آهي، نوجوانن کي تعليم جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نوجوانن کي ترقي جي سفر ۾ پٺتي رهڻ نه ڏينداسين، غريب جو ٻار اعلى تعليم کان محروم ڇو رهي، دانش اسڪولن جو معيار ايچي سن کان ڪنهن به طور تي گهٽ نه آهي، اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي ۾ ڪلاسز جي شروعات ايندڙ سال ٿي ويندي، 7 لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي نوجوانن ۾ ورهايا آهن، هلندڙ سال وڌيڪ 2 لک 50 هزار نوجوانن کي ڪروم بڪس ڏينداسين، هلندڙ سال هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي تعليم جي لاءِ چين موڪليو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڀ نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ گڏ آهيون، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته تعليم جي ميدان ۾ اسان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪنهن به طور تي پٺتي نه رهون، ان جي لاءِ بطور خادم پنجاب تعليم جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۽ باقي صوبن جي ڏورانهن علائقن ۾ لکين ڪروڙين ٻار ۽ ٻارڙيون انتهائي قابل ۽ ذهين آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ته اهي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻارن کي پٺتي ڇڏي ڏيندا پر اها ڪيڏي ستم ظريفي آهي جو هڪ طرف اميرن جي ٻارن کي نه رڳو پاڪستان جي بهترين درسگاهن ۾ تعليم جي موقعا ملن ٿا پر اهي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ به مهانگا خرچ برداشت ڪري تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ڇو ته انهن وٽ وسيلا هوندا آهن جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ ملڪ ۾ لکين والدين کي ٻارن جي لاءِ عام تعليم جا موقعا به ميسر نه ٿا ٿين. وزيراعظم چيو ته ايچي سن ڪاليج ۾ اشرافيه جا ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا جتي غريب والدين جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهن، هي اهو تضاد آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ تعليم جي ميدان ۾ اسان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا آهيون پر الحمدالله تازن سالن ۾ دانش اسڪولن جو جيڪو بنياد رکيو ويو ان سان غريب والدين جا ٻار به بهترين تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پاڪستان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم تحريڪ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو جنهن جي لاءِ لکين مسلمانن پنهنجي خون جو نذرانو پيش ڪيو، انهن سموريون پنهنجون ملڪيتون ۽ هر شيءَ اتي ڇڏي ان خواب کي اکين ۾ رچايو ته پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ محنت جي زور تي ترقي جي موقعن سان معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنيادي مقصد هڪ فلاحي رياست قائم ڪرڻ هو جتي سڀني کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا حاصل هجن پر آئون سمجهان ٿو ته اها منزل اڃا پري آهي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن جي پنجاب کان شروعات ڪئي وئي، هاڻي اهي اسڪول بطور خادم پاڪستان گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان جي سنگلاخ جابلو علائقن ۾ به ٺاهي رهيا آهيون جتي انشاءَ الله قوم جي عظيم فرزندن ۽ ڌيئرن کي مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ انهن ۾ تعليم جو معيار ڪنهن به صورت ۾ ايچي سن ڪاليج کان گهٽ نه آهي، دانش اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هڪ پورهيت جي هوشيار ٻار محنت ڪري پنهنجي والدين ۽ استادن جو نالو روشن ڪيو آهي، ڪراچي کان پشاور تائين هر ٻار ۽ ٻارڙيءَ کي تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، نوجوانن کي تعليم جي شعبي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃڻو آهي، اڄ جو دور فني تعليم، آءِ ٽي ۽ اي آءِ جو آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان جديد علم کي پنهنجي سفر ۾ شامل نه ڪيو ته پوءِ اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي وينداسين. وزيراعظم چيو ته اڄ هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون دانش اسڪولن مان فارغ ٿي ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٽيچرز آهن ۽ ٻاهرئين ملڪ وڃي مباحثن ۾ به حصو وٺن ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم کي نوجوان نسل مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن، نوجوان ملڪي آباديءَ جو اڪثريتي حصو آهن انهن کي مختلف هنرمندي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان هن سال نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بجيٽ ۾ وڏي رقم رکي آهي، گذريل سال چئن صوبن مان ميرٽ تي سرڪاري خرچ تي هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي تربيت جي لاءِ چين موڪليو ويو هو، وڌيڪ هڪ هزار ٻار ۽ ٻارڙيون هن سال موڪلينداسين، ميٽرڪ ۽ ايف اي، ايف ايس سي جي امتحانن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هلندڙ سال آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي تعليم جي لاءِ چين موڪلينداسين، سليڪشن رڳو ميرٽ تي ٿيندي، سمورا خرچ حڪومت برداشت ڪندي ته جيئن اهي قوم جو عظيم سرمايو بڻجن، سمورا وسيلا نوجوانن جي ترقي جي لاءِ نڇاور ڪنداسين، ماضي جي غلطين جو ازالو نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي سان ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ پاڪستان جي بهترين دانش يونيورسٽي وجود ۾ اچي رهي آهي ۽ ايندڙ سال ڪلاسز شروع ٿي وينديون، اها مڪمل طور تي ٽيڪ فوڪسڊ يونيورسٽي هوندي جتي فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ڏني ويندي، جيڪڏهن پئسا نه آهن ته ڪا ڳالهه نه آهي نمبرز آهن ته دانش يونيورسٽي جا دروازا شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ کليل هوندا. وزيراعظم چيو ته محنتي، هوشيار ۽ لائق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 7 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، هلندڙ سال اڍائي لک وڌيڪ ڪروم بڪس سڄي ملڪ جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏنا ويندا. ليپ ٽاپ کي مشين چوندڙ چوندا رهن آئون ان کي مشن سمجهان ٿو ۽ ان مشن کي اڳتي وڌائيندو رهندس ۽ نوجوانن جي اعلى تعليم، بهتري ۽ انهن کي عزت ۽ باوقار روزگار ڏيارڻ جي لاءِ هر ڪم ڪندس، هن قوم جي لاءِ 1947ع ۾ پاڪستان اسان جي بزرگن ٺاهيو هو پر 2047ع جو پاڪستان نوجوانن جي سوچ ۽ جوش سان ٺهندو، هي رڳو لفظ نه آهن هڪ ويزن آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي جو باضابطا اعلان ڪيو، پاليسي تحت سموري ليبر فورس ۾ عورتن جي لاءِ 35 سيڪڙو ڪوٽا لازمي هوندي جڏهن ته نوجوانن کي نوڪرين جي بدران پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هر سال اسٽارٽ اپس جي لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته اسان جا مُڪا دشمن جي لاءِ آهن، اهي غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ آهن، نوجوانن کي تعليم ۽ ترقي جي لاءِ هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا ويندا، صوبائي حڪومتون به دانش اسڪول جي طرز جي اعلى معيار جا تعليمي ادارا قائم ڪن. تقريب کي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ 2047ع جي پاڪستان جي ويزن جي حوالي سان هڪ وڊيو پڻ ڏيکاري وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نوجوانن جي لاءِ تيار ڪيل خصوصي ملي نغمو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم نيشنل ايمپلائمنٽ پاليسي جي ڪور ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ دانش اسڪول جي پوزيشن هولڊرز ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ نوجوانن کي ايوارڊز ڏنا. وزيراعظم دانش اسڪول فاضل پور ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد محمد قاسم جي بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاهور تحت ايس ايس سي پارٽ ٽو جي امتحان ۾ سائنس گروپ ۾ پهرين جڏهن ته مجموعي طور تي ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان کي شاباس ڏني.










