وفاقي وزير احسن اقبال سان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وفد جي ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن، سي پيڪ 2.0 کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن، سياسي ۽ پارٽي رابطن، سي پيڪ 2.0 ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل اعتماد، سياسي …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن، سياسي ۽ پارٽي رابطن، سي پيڪ 2.0 ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل اعتماد، سياسي اتفاق راءِ ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جي حمايت تي ٻڌل آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ جڏهن پاڪستاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کان گهٻرائي رهيا هئا، ان وقت چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فيصلو ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اعتماد جو ثبوت آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جي ڪاميابي پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي مضبوط سياسي عزم ۽ پختي ارادي جو نتيجو آهي. هن چيو ته پاڪستان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي تنظيم، قيادت، طرز حڪمراني ۽ ڊگهي مدي واري رٿابندي جي تجربي مان سکڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين 5 سياسي راهدارين تحت منظم تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا جيڪي سي پيڪ 2.0 لاءِ سياسي ۽ اداره جاتي بنياد فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پارٽي رابطا، پاليسي مٽاسٽا ۽ نوجوان قيادت جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيني نوجوان سياسي قيادت کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته نوجوانن جي گڏيل مٽاسٽا ايندڙ نسل جي قيادت ۾ پاڪ چين دوستي جو مضبوط رشتو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. چيني نوجوان قيادت پاڪستان جو دورو ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ نوجوانن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهي ٿي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته سي پيڪ 2.0 کي اڏام پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن پيداوار، جدت، گرين انرجي، روانگي واپار ۽ علائقائي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعتي، زرعي، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي نمائندي ليوڊاشيو سي پيڪ جي ترقي ۾ پروفيسر احسن اقبال جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ احسن اقبال جو اهم ڪردار آهي، انهي لاءِ چيني حلقن ۾ کيس محبت سان مسٽر سي پيڪ چيو ويندو آهي. ليوڊاشيو چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ترقي ۽ گڏيل مستقبل جي تعمير لاءِ مسلسل ڪم ڪندو رهندو. هن چيو ته چين سي پيڪ 2.0، پاڪستان جي فائيو ايز ۽ اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) وچ ۾ جماعتي رابطن، عملي تعاون ۽ ترقياتي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ تجربن جي مٽاسٽا، نوجوان سياسي قيادت جي رابطن ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا ڳوليا ويندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سياسي ۽ پارٽي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي سي پيڪ 2.0 تحت عملي ۽ ترقياتي تعاون جي نئين رفتار ڏني ويندي.

مزید خبریں