اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ اسان جي معيشت جي اصل طاقت آهن، حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب نوجوانن کي ڊجيٽل دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي …
نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ اسان جي معيشت جي اصل طاقت آهن: وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ اسان جي معيشت جي اصل طاقت آهن، حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب نوجوانن کي ڊجيٽل دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ روزگار، ڪاروبار ۽ ترقي جا بي شمار نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته حڪومت سڄي ملڪ جي نوجوانن کي جديد ڊجيٽل هنر ۽ فري لانسنگ جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته سمارٽ فونز، انٽرنيٽ تائين پهچ ۽ ڊجيٽل مهارتن جي فراهمي جي ذريعي نوجوانن جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو پيو وڃي. مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي ۽ سافٽ ويئر ڊولپمينٽ جهڙن جديد شعبن ۾ نوجوانن جي شموليت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته آءِ ٽي پارڪس ۽ ڊجيٽل حب قائم ٿيڻ سان نوجوانن کي روزگار، ڪاروبار ۽ جدت جا شاندار موقعا فراهم ٿيندا. حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي کان روشناس ڪرائڻ ۽ کين عالمي ڊجيٽل معيشت جو موثر حصو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جو نوجوان صرف مستقبل جو معمار ناهي پر ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل انقلاب جو فعال حصيدار پڻ آهي. حڪومت نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي رهي آهي.










