ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي ڪاميابي ئي سنڌ جي روشن ۽ مضبوط مستقبل جي ضمانت آهي. اهڙو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سنڌ جا نوجوان اسان جي اميد، توانائي ۽ روشن مستقبل جي سڀ کان وڏي طاقت آهن. …
نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي ڪاميابي ئي سنڌ جي روشن ۽ مضبوط مستقبل جي ضمانت آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي ڪاميابي ئي سنڌ جي روشن ۽ مضبوط مستقبل جي ضمانت آهي. اهڙو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سنڌ جا نوجوان اسان جي اميد، توانائي ۽ روشن مستقبل جي سڀ کان وڏي طاقت آهن. نوجوانن جي صلاحيتن کي موقعن، معياري تعليم، فني مهارت ۽ روزگار سان ڳنڍڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.وڏي وزير چيو ته سنڌ جا نوجوان تعليم، ٽيڪنالاجي، ڪاروبار، راندين، فنون ۽ سماجي خدمت سميت هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مڃتا ڪرائي رهيا آهن. اڄ جو نوجوان رڳو مستقبل جو معمار نه، پر اڄ جي ترقي ۽ تبديليءَ ۾ پڻ فعال ڀائيوار آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڊجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد مهارتون نوجوانن لاءِ ڪاميابي جون نيون راهون کولي رهيون آهن. سنڌ حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، فني تربيت، ڊجيٽل مهارتن ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.هن چيو ته سنڌ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوانن جي تخليقي صلاحيت، جدت ۽ قيادت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نوجوانن کي درپيش چئلينجن جو مقابلو تعاون، يڪجهتي ۽ نوجوانن جي بامعنيٰ شموليت سان ئي ممڪن آهي. وڏي وزير چيو ته اسان نوجوانن جي صلاحيتن تي ڀروسو ڪريون ٿا ۽ کين اڳتي وڌڻ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪنداسين.










