سنڌ ۾ بصر جي پيداوار وڌائڻ سان گڏ انهن کي لڳندڙ بيمارين، ذخيري ۽ مارڪيٽنگ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي: ڊاڪٽر الطاف سيال

حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ بصر جي پيداوار کي درپيش بيمارين، نقصانڪار جيتن، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، ذخيري ۽ مارڪيٽنگ جي مسئلن جي حل لاءِ جديد زرعي تحقيق ۽ آبادگار دوست ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته يونيورسٽي جي تحقيق جو اصل مقصد ليبارٽري مان نڪري …

حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ بصر جي پيداوار کي درپيش بيمارين، نقصانڪار جيتن، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، ذخيري ۽ مارڪيٽنگ جي مسئلن جي حل لاءِ جديد زرعي تحقيق ۽ آبادگار دوست ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته يونيورسٽي جي تحقيق جو اصل مقصد ليبارٽري مان نڪري ٻنين تائين پهچڻ ۽ آبادگارن کي عملي فائدو پهچائڻ هجڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي شعبي پلانٽ پروٽيڪشن پاران ۽ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ”بصرن جون بيماريون ۽ نقصانڪار جيت“ جي عنوان سان منعقد ڪيل هڪ ڏينهن واري عالمي تربيتي سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته بصر هڪ اهم ڪيش وارو فصل آهي ۽ آبادگارن جي معاشي خوشحالي معياري ٻج، متوازن غذائيت، بهتر آبپاشي، بيمارين ۽ جيتن جي بروقت روڪٿام، بهتر ذخيري ۽ مؤثر مارڪيٽنگ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته رڳو پيداوار وڌائڻ ڪافي ناهي، پر ويليو ايڊيشن، ڪولڊ اسٽوريج، فصل کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ مضبوط مارڪيٽ لنڪيجز تي پڻ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، هن چيو ته آبادگارن کي قيمتن ۾ لاهن ۽ چاڙهن، مناسب ذخيري جي سهولتن جي کوٽ ۽ مارڪيٽ تائين سڌي رسائي نه هجڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. زرعي ماهرن کي گهرجي ته آبادگارن جي حقيقي مسئلن کي تحقيق جو موضوع بڻائين ۽ تحقيق جا نتيجا قابلِ عمل سفارشن جي صورت ۾ آبادگارن تائين پهچائين، ان موقعي تي فڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته بصر جي فصل کي درپيش نين بيمارين ۽ نقصانڪار جيتن تي بار بار فنگس ڪش دوائن جي استعمال سان ضابطو نٿو آڻي سگهجي. هن ٻڌايو ته 2024ع ۾ لوئر سنڌ ۾ بصر جي نرسري ۽ تيار فصلن تي بيمارين جا شديد حملا ٿيا ۽ هفتيوار اسپري باوجود خاطرخواهه نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا، جنهن مان موسمياتي تبديلي ۽ نون جراثيمن جي تناظر ۾ گڏيل تدارڪِ نقصانڪار جيتن (آءِ پي ايم) جي ضرورت واضح ٿئي ٿي، ڊاڪٽر لوڌي ٻڌايو ته 2015ع کان 2025ع دوران پاڪستان ۾ بصر جي پوک هيٺ ايراضي لڳ ڀڳ 27 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته پيداوار 1.67 ملين ٽن مان وڌي 2.75 ملين ٽن ٿي وئي. سنڌ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 57 هزار هيڪٽر ايراضيءَ مان 7 لک 80 هزار ٽن کان وڌيڪ بصر پيدا ٿئي ٿو، تنهن هوندي به في هيڪٽر سراسري پيداوار عالمي سراسري کان گهٽ آهي. هن چيو ته سائنسي بنيادن تي فصلن جو تحفظ ۽ پيداوار جي معيار ۾ بهتري آبادگارن جي آمدني وڌائڻ لاءِ ضروري آهي، يونيورسٽي آف روهونا، سري لنڪا جي سينيئر ليڪچرار ڊاڪٽر اماني منناڪارا چيو ته سري لنڪا ۾ پڻ بصر جي آبادگارن کي بيمارين، جيتن، موسمي حالتن، معياري ٻج، پاڻي ۽ مارڪيٽنگ جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سري لنڪا ۾ بصر جي پيداوار بابت ڪيترائي مسئلا هڪجهڙا آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ زرعي ماهرن وچ ۾ بيمارين ۽ جيتن جي سڃاڻپ، جديد پيداواري ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت گڏيل تحقيق کي هٿي ڏيڻ گهرجي، جيئن ٻنهي ملڪن جي آبادگارن لاءِ عملي حل ڳولي سگهجن، ڊاڪٽر ريحانه ناز سيد پڻ سيمينار کي خطاب ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر محمد علي خانزادي، ڊاڪٽر امتياز علي نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد عمران کتري ۽ ٻين استادن ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ زرعي تحقيقي ادارن جي سائنسدانن، استادن، شاگردن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ماهرن بصر جي جديد پوک، بيمارين ۽ نقصانڪار جيتن جي سڃاڻپ ۽ تدارڪ، گڏيل طور جيتن خلاف انتظامن، فصل لهڻ کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي، ذخيري ۽ مارڪيٽنگ بابت شرڪت ڪندڙن کي عملي تربيت ۽ سائنسي رهنمائي فراهم ڪئي.

مزید خبریں