وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان بيلاروس جي زراعت ۽ خوارڪ واري نائب وزير جي ملاقات

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان اسلام آباد ۾ بيلاروس جي زراعت ۽ خوراڪ بابت نائب وزير ياڪووچٽس اليگزينڊر ملاقات ڪئي. جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفط، واپار، سيڙپڪاري ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي نون امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي پاسن کان پاڪستان ۽ بيلاروس جي …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان اسلام آباد ۾ بيلاروس جي زراعت ۽ خوراڪ بابت نائب وزير ياڪووچٽس اليگزينڊر ملاقات ڪئي. جنهن ۾ زراعت، غذائي تحفط، واپار، سيڙپڪاري ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي نون امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي پاسن کان پاڪستان ۽ بيلاروس جي ڪاروباري ادارن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز پاران ٻنهي ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ فوڊ نمائشن ۽ زرعي واپاري ميلن ۾ وڌ کان وڌڪ شرڪت جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو ويو. ان قدم سان ڪاروباري ادارن کي پنهنجون مصنوعات متعارف ڪرائڻ، شراڪتدارن جي قيام ۽ ٻه طرفي زرعي واپار کي هٿي وٺائڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر ٿيندا، ٻنهي طرفان سامونڊي خوراڪ، ميون، انب، فروٽ پيوري، ڀاڄين خاص ڪري پٽاٽي، ٻجن ۽ ڊيري مصنوعات جي شعبن ۾ آن لائين بزنس ٽو بزنس سيشنز جي بندوبست ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ان سيشنز سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ، ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي ملڪن زرعي شعبي سان سلهاڙيل واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي گڏيل دورن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن شراڪتداري، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ مهارتن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏئي سگهجي. انهن دورن سان ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن جي گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ۽ ڊگهي مدي وارين واپاري شراڪتدارين جي قيام جا موقعا ملندا. ملاقات ملاقات ۾ فش فارمنگ جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. جڏهن ته ٻنهي طرفان علم، ٽيڪنالاجي ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. انهن قدمن سان جديد آبي زراعت جي طريقيڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ فشريز جي شعبي ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي طرفان ٻجن جي واپار ۾ تعاون وڌائڻ جي آجيان ڪئي وئي ۽ ٻن جي گڏيل روانگي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان تعاون سان زرعي واپار کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن ۾ معياري ٻجن تائين پهچ جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان پاران پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۾ بيلاروس جي مالي ۽ فني مدد سان يونيورسل زرعي مشينري ٽيسٽنگ سهولت يا مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. بيلاروس پاران ان تجويز جو نوٽيس ورتو ويو. تجويز ڪيل مرڪز جي قيام جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ضروري اوزارن جي فهرست تيار ڪرڻ ۽ پاڪستان پاران تجويز ڪيل هنڌن جي مشينري ٽيسٽنگ اسٽيشنز جي قيام لاءِ موزونيت جو جائزو وٺن تي اتفاق ڪيو ويو. ان مقصد لاءِ ٻنهي پاران 2026ع جي پڄاڻي تائين اعليٰ تربيت يافته فني ماهرن جي وفدن جي گڏيل دورن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ارتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن پلانٽ ڪوارنٽائين جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ سگهه ۾ اضافي لاءِ تعاون ڳولهڻ تي به اتفاق ڪيو ته جيئن فائيٽو سينيٽري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ان تعاون سان موثر فائيٽو قدمن جي تياري ۽ انهن تي عمل درآمد ۾ مدد ملندي، جن جو مقصد واپاري شين ۽ انهن جي ذريعن جي ذريعي قرنطينه سان لاڳاپيل ڪيڙن جي داخلا، قيام ۽ پکيڙي روڪڻ آهي. پلانٽ ڪوارنٽائين جي شعبي ۾ مضبوط تعاون سان زرعي پيداوار جي تحفظ، فائيٽو سينيٽري معيار ۾ بهتري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي جنسن جي محفوظ عالمي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير ٻه طرفي تعاون کي ٺوس واپاري، فني ۽ اداره جاتي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان زراعت ۽ غذائي تحفظ جي اڀرندڙ شعبن ۾ بيلاروس سان رابطن کي وسعت ڏيڻ ۽ ڪاروباري ادارن، آبادگارن، سيڙپڪارن ۽ فني ماهرن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير ۽ بيلاروس پاران پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ زراعت، غذائي تحفظ، واپار، سيڙپڪاري، آبي زراعت، ٻجن جي واپار، زرعي مشينري ۽ فائيٽو سينيٽري تعاون جي شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل شراڪتدارين کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں