بدين - 11 آگسٽ (اي پي پي) بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران 10 سالن تائين جي 97 ھزار 66 ٻارڙن کي پوليو جو بوسٽر ڊوز لڳايو ويندو، بوسٽر ڊوز جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي چيو ته پوليو جو بوسٽر ڊوز 4 مهينن کان 10 سال تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي لڳايو ويندو جنهن …
بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران 10 سالن تائين جي 97 ھزار 66 ٻارڙن کي پوليو جو بوسٽر ڊوز لڳايو ويندو

مزید خبریں
بدين – 11 آگسٽ (اي پي پي) بدين ۾ 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران 10 سالن تائين جي 97 ھزار 66 ٻارڙن کي پوليو جو بوسٽر ڊوز لڳايو ويندو، بوسٽر ڊوز جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي چيو ته پوليو جو بوسٽر ڊوز 4 مهينن کان 10 سال تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي لڳايو ويندو جنهن ۾ بدين ضلعي جون 10 يونين ڪائونسلون شامل آهن، تعلقي بدين جي يونين ڪائونسل ٻيڊمي، ڀڳڙا ميمڻ ۽ شهيد دودو سومرو آهن تعلقي ماتلي ۾ شهر جي يونين ڪائونسل هڪ ۽ ٻه آهن جڏهن تعلقي شهيد فاضل راهو ۾ يونين ڪائونسل احمد راڄو، يونين ڪائونسل ڪنڊياري، کورواهه چوڪ، محمد شاھ گراڙي ۽ يونين ڪائونسل شهيد فاضل راهو شامل آهن. هن چيوته بوسٽر ڊوز جيٽ انجيڪٽر ذريعي سور کانسواءِ محفوظ طريقي سان لڳائي ويندي. هن پوليو انوائرونمينٽ سيمپل متعلق بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 3 مهينن کان پوليو انوائرنمينٽ سيمپل مسلسل نگيٽيو اچي رهي آهي جيڪا بھترين ٽيم ورڪ جي نشاني آهي. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ اڪيلي سر نٿا وڙهي سگهون ان لاءِ ميڊيا جي دوستن جو مڪمل سهڪار گهربل آهي ته جيئن عام ماڻهن کي پوليو جي نقصان بابت آگاهي ڏئي سگهجي. پوليو بوسٽر ڊوز مهم دوران ماڻهن کي خدشا ٿي سگهن ٿا پر انهن کي ميڊيا ذريعي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته هي بوسٽر ڊوز توهان جي ۽ اسان جي ٻارڙن جي مستقبل جي ضمانت آهن. ويڪسين ذريعي ئي هن ملڪ کي پوليو کان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻارن جي صحتمند مستقبل لاءِ ضروري آهي ته هر والدين پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي پوليو بوسٽر ڊوز مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن. پنهنجي علائقي ۽ اسڪول ۾ ايندڙ ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي. هن چيو ته مهم جي شفاف ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ نگراني جو موثر نظام قائم ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميا موجب پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ هر شهري جو تعاون لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي مستقل طور پوليو کان پاڪ ملڪ بڻائي سگهجي. ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاھي ۽ سي سي او دانش خواجه پڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 24 آگسٽ کان ضلعي جي 10 يونين ڪائونسلن ۾ شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر مهم ۾ 4 مهينن کان 10 سالن تائين جي 97 ھزار 66 ٻارڙن لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ 205 سڪل پرسن 180 ٽيمون 6 فڪس سائٽ شامل آهن.









