صدر آصف علي زرداري 5 سمرين ۽ بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 5 سمرين ۽ بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جن سمرين ۽ بلن جي منظوري ڏني انهن ۾ ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ آف پاڪستان ترميمي بل 2026ع، مالياتي ادارن جي مالي رقم جي وصولي ترميمي بل 2026ع ۽ وفاقي بورڊ آف روينيو ترميمي بل 2026ع جي منظوري شامل …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 5 سمرين ۽ بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جن سمرين ۽ بلن جي منظوري ڏني انهن ۾ ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ آف پاڪستان ترميمي بل 2026ع، مالياتي ادارن جي مالي رقم جي وصولي ترميمي بل 2026ع ۽ وفاقي بورڊ آف روينيو ترميمي بل 2026ع جي منظوري شامل آهي. صدر سيد علي محمود کي پاڪستان سول ايوارڊ عطا ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني. صدر اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي بدعنواني جي خاتمي واري قانونن جي لاڳو ۾ تعاون بابت مڪه المڪرمه ڪنوينشن جي توثيق جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.

مزید خبریں