خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران خصوصي ٻارن کي بااختيار بڻائڻ، جامع تعليم جي دائري کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

ڪراچي - 10 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري خصوصي ٻارن کي بااختيار بڻائڻ، جامع تعليم جي دائري کي وڌائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هر ٻار کي موقعن، عزت نفس ۽ ضروري معاونت تائين پهچ حاصل ٿئي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو …

ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري خصوصي ٻارن کي بااختيار بڻائڻ، جامع تعليم جي دائري کي وڌائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هر ٻار کي موقعن، عزت نفس ۽ ضروري معاونت تائين پهچ حاصل ٿئي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڪورنگي ۾ پاڪستان جو پهريون جامع پارڪ پڻ کوليو ويو آهي. سي – آرٽس ملڪ جو پهريون مرڪز آهي جيڪو تشخيص کان وٺي روزگار تائين سهولتون ڏي ٿو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته آٽزم جي شڪار ٻارن جي لاءِ مفت علاج، ٽرانسپورٽ ۽ وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن. ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ ”سي – آرٽس” جا مرڪز قائم آهن. هن چيو ته نئين رهائشي مرڪز ۾ جامع نگهداشت ۽ ڊگهي مدي واري بحالي جون سهولتون ميسر هونديون. خاتون اول چيو ته سي – آرٽس جو رجسٽريشن پورٽل فعال، هر ٻارن جو ڊيجيٽل رڪارڊ ٺاهيو ويندو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ افتتاحي تقريب ۾ شريڪ هو.