پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 917 پوائنٽس وڌي ويو

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 900 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪاروبار جي شروعات تي تيزي سبب 100 انڊيڪس 917 پوائنٽس جي اضافي سان 1 لک 82 هزار 347 پوائنٽس جي سطح تي پھچي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 81 …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 900 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪاروبار جي شروعات تي تيزي سبب 100 انڊيڪس 917 پوائنٽس جي اضافي سان 1 لک 82 هزار 347 پوائنٽس جي سطح تي پھچي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 81 هزار 430 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. مارڪيٽ ۾ شروعاتي تيزي سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ۽ شيئرز جي خريداري جي رجحان جي عڪاسي ٿي.