جي ڊي ڊبليو شگرملز جي منافعي ۾ 9 مهينن دوران 46.31 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) جي ڊي ڊبليو شگرملز جي منافعي ۾ 9 مهينن دوران 46.31 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ڪمپني جي مالياتي انگن اکرن مطابق 30 جون 2026ع تي ختم ٿيل 9 مهينن ۾ جي ڊي ڊبليو شگرملز جو منافعو 4.96 ارب رپين تائين وڌي ويو جڏهن ته آڪٽوبر 2024ع کان جون 2025ع جي عرصي دوران ڪمپني کي 3.39 ارب رپين جو منافعو حاصل ٿيو هو. …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) جي ڊي ڊبليو شگرملز جي منافعي ۾ 9 مهينن دوران 46.31 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ڪمپني جي مالياتي انگن اکرن مطابق 30 جون 2026ع تي ختم ٿيل 9 مهينن ۾ جي ڊي ڊبليو شگرملز جو منافعو 4.96 ارب رپين تائين وڌي ويو جڏهن ته آڪٽوبر 2024ع کان جون 2025ع جي عرصي دوران ڪمپني کي 3.39 ارب رپين جو منافعو حاصل ٿيو هو. اهڙي طرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 جون 2026ع تي ختم ٿيل 9 مهينن دوران جي ڊي ڊبليو شگرملز جي منافعي ۾ 1.57 ارب رپيا يعني 46 سيڪڙو کان وڌيڪ جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.