اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حبيب بئنڪ وچ ۾ حج 2027ع جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي طئي ٿي وئي. 17 آگسٽ کان حج 2027ع لاءِ درخواستن جي وصولي شروع ٿيندي، سرڪاري اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جو انگ هڪ لک 7 هزار 526آهي جيڪو پهرين اچو پهرين حاصل ڪيو جي بنياد تي هوندو. سومر ڏينهن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار …
مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حبيب بئنڪ وچ ۾ حج 2027ع جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت طئي ٿي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حبيب بئنڪ وچ ۾ حج 2027ع جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي طئي ٿي وئي. 17 آگسٽ کان حج 2027ع لاءِ درخواستن جي وصولي شروع ٿيندي، سرڪاري اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جو انگ هڪ لک 7 هزار 526آهي جيڪو پهرين اچو پهرين حاصل ڪيو جي بنياد تي هوندو. سومر ڏينهن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ابرار احمد مرزا حبيب بئنڪ جي عملدارن سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حج کي مڪمل طور ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، حج پانڌيئڙن کي انتظار ۽ ڊگهين قطارن کان بچائڻ چاهيون ٿا. سمورا حج جا اميدوار گهر ويٺي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته حبيب بئنڪ کي حج پارٽنر بڻايو ويو آهي. حج درخواستن کي ڊجيٽل ڪرڻ جو مقصد شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ چيڪنگ جي نظام کي بهتر بڻائڻ آهي. شارٽ حج لاءِ 30 هزار جي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي، سرڪاري اسڪيم جي درخواستن جي ڪوٽا مڪمل ٿيندي ئي درخواستن جي وصولي روڪي ويندي، نجي ڪمپنين جا حج پانڌيئڙا پاڪ حج ايپ ذريعي پرائيويٽ آپريٽرز جي چونڊ ڪري سگهندا، پرائيويٽ اسڪيم جي حج پانڌيئڙا به ادائگي پاڪ حج ايپ کان علاوه نه ڪن. هن چيو ته درخواستن جي وصولي سان ئي حج خرچن جي پهرين قسط وصول ڪئي ويندي، ٻي قسط آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ ورتي ويندي، لانگ حج لاءِ 12 لک ۽ شارٽ حج لاءِ 13 لک رپين جو پئڪيج هوندو. هن چيو ته نجي حج آپريٽرز کي به پاڪ حج ايپ استعمال ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي حبيب بئنڪ جي نمائندي محمد اسد خان چيو ته حج معاملن بابت ذميواري ملڻ تي خوشي آهي، هي محنت واري عبادت آهي، حج جي اميدوارن کي حبيب بئنڪ 1700 کان وڌيڪ برانچز تي خدمتون فراهم ڪنداسين، حبيب بئنڪ حج جي اميدوارن اسان اسلامي بئنڪنگ تحت ڪا به چارجز نه وٺندي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ حبيب بئنڪ شريعه ڪمپلائنس خدمتون فراهم ڪري رهي آهي، حج جي اميدوارن وٽ ادائگي لاءِ 3 آپشنز موجود آهن، حج بقايائون، ڪريڊٽ ڪارڊ، ون لنڪ يا پي ايس آءِ ڊي ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. چالان فارم پرنٽ ڪري روڪ رقم به جمع ڪرائي سگهجي ٿي.










