صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان جماعت اهل سنت پاڪستان جي وفد جي ملاقات

ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان جماعت اهل سنت پاڪستان جي هڪ وفد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد ۾ پير خالد سلطان شاهه، سيد رفيق شاهه، سيد عبدالقادر شاهه شيرازي، ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان رند، سميع رانا قادري ترابي ۽ اظهر شاهه همداني شامل هئا. وفد مختلف مسئلن جي حل لاءِ صوبائي …

ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان جماعت اهل سنت پاڪستان جي هڪ وفد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد ۾ پير خالد سلطان شاهه، سيد رفيق شاهه، سيد عبدالقادر شاهه شيرازي، ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان رند، سميع رانا قادري ترابي ۽ اظهر شاهه همداني شامل هئا. وفد مختلف مسئلن جي حل لاءِ صوبائي وزير کان سهڪار جي درخواست ڪئي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وفد جا مسئلا غور سان ٻُڌا ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.