مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ جشن آزادي جي مناسبت سان ٽن ڏينھن وارين آل ميوٽ ٽيلنٽ ھنٽ جي تقريبن جي شروعات

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ جشن آزادي جي مناسبت سان ٽن ڏينھن وارين آل ميوٽ ٽيلنٽ ھنٽ جي تقريبن جي شروعات ٿي وئي. پھرئين ڏينھن تي مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ آزادي جي موضوع تي مضمون نويسي، اسڪيچنگ، مباحثن، سوالن جوابن ۽ قومي نغمن جا مقابلا ٿي گذريا. مھراڻ يونيورسٽي ڊراميٽڪ ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي(مڊس) پاران منعقد ڪرايل تقريبن …

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ جشن آزادي جي مناسبت سان ٽن ڏينھن وارين آل ميوٽ ٽيلنٽ ھنٽ جي تقريبن جي شروعات ٿي وئي. پھرئين ڏينھن تي مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ آزادي جي موضوع تي مضمون نويسي، اسڪيچنگ، مباحثن، سوالن جوابن ۽ قومي نغمن جا مقابلا ٿي گذريا. مھراڻ يونيورسٽي ڊراميٽڪ ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي(مڊس) پاران منعقد ڪرايل تقريبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ مھراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي ۽ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو انعام ورھائيندا. جاري مقابلن ۾ مڊس جي ڪو آرڊينيٽر انجنيئر فيض احمد ابڙو، پروفيسر ڊاڪٽر عامر سومرو ۽ مقابلن جي ججز شرڪت ڪئي.