لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ پوليـو جي خاتمي واري مهم جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي سڄي ضلعي ۾ پوليـو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس اهلڪار پوليـو ورڪرز سان گڏ مختلف علائقن، شاهراهن، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۽ حساس هنڌن تي مقرر آهن ته جيئن پوليـو مهم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ۽ پرامن …
لاڙڪاڻو ۾ پوليـو جي خاتمي واري مهم جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 10 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ پوليـو جي خاتمي واري مهم جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي سڄي ضلعي ۾ پوليـو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس اهلڪار پوليـو ورڪرز سان گڏ مختلف علائقن، شاهراهن، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۽ حساس هنڌن تي مقرر آهن ته جيئن پوليـو مهم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ۽ پرامن ماحول ۾ مڪمل ڪئي وڃي. پوليس آفيسرن پاران پوليـو ٽيمن جي اچ وڃ دوران سيڪيورٽي انتظامن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مؤثر گشت ۽ نگراني يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو آهي ته ٻارن کي پوليـو کان محفوظ بڻائڻ اسان سڀ جي گڏيل ذميواري آهي. والدين کي گذارش آهي ته اهي پوليـو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ پنھنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي پوليـو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين. لاڙڪاڻو پوليس پاران پوليـو جي خاتمي واري مهم دوران پوليـو ورڪرز، ٻارڙن ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ موجود وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن.











