هانگ ڪانگ ۾ گرمي پد 42 سال جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

هانگ ڪانگ- 10 آگسٽ (اي پي پي) هانگ ڪانگ ۾ گذريل ڏينهن گرمي پد 36.9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو جيڪو 1884ع کانپوءِ يعني 42 سالن ۾ شهر ۾ رڪارڊ ڪيل بلند ترين گرمي پد آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هانگ ڪانگ جي موسمياتي اداري مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان ڊولفن سبب گرم هوائون شهر طرف اچڻ سان گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. موسمياتي …

هانگ ڪانگ- 10 آگسٽ (اي پي پي) هانگ ڪانگ ۾ گذريل ڏينهن گرمي پد 36.9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو جيڪو 1884ع کانپوءِ يعني 42 سالن ۾ شهر ۾ رڪارڊ ڪيل بلند ترين گرمي پد آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هانگ ڪانگ جي موسمياتي اداري مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان ڊولفن سبب گرم هوائون شهر طرف اچڻ سان گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. موسمياتي اداري ٻڌايو ته آچر ڏينهن رڪارڊ ڪيل 36.9 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد 1884ع ۾ رڪارڊ ٿيڻ بعد کان هاڻي تائين جو بلند ترين گرمي پد آهي.